دو درويش گرونانڪ  سچل سرمست

دو درويش گرونانڪ سچل سرمست

دو درويش گرونانڪ سچل سرمست

دو درويش: گرونانڪ + سچل سرمست (ڪتاب): هن اردوءَ ۾ شايع ٿيل ڪتاب جو ليکڪ: گوبچن سنگهه طالب ۽ ڪلياڻ بولچند آڏواڻي آهن. گرونانڪ جي زندگي، تعليمات، تخليقات ۽ سندس شاعريءَ ۾ موجود سماجي شعور، درد، ملڪي محبت، روحاني مستي، يوگ ۽ معرفت جي راهه بابت گوبجن سنگهه طالب لکيو آهي، جڏهن ته سچل سرمست جي حيات، شخصيت، صوفياڻي عظمت، شاعرِءَ ۽ ان ۾ ڪثرت ۽ وحدت، جوڳ ۽ جوڳي، حسن ۽ محبت، خدا پرستي وارن عنوانن، سچل جي ڪافين ۽ ٻين ٻولين جي اثر بابت ڪلياڻ آڏواڻي صاحب لکيو آهي. هي ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 164 صفحن تي مشتمل ڪتاب شاهه پبليڪيسن لاهور ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 99 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو